آءِ ايم آيف ۽ حڪومت ۾ اختلاف برقرار،ڳالهيون جاري

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) پاڪستان حڪومت ۽ آءِ ايم ايف ۾ اهم معاملن تي اتفاق نه ٿي سگهيو آهي جنهن ڪري فني نوعيت جون ڳالهيون ڪامياب نه ٿي سگهيون، ڌرين موڪل وارن ڏينهن تي ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪندي چيو آهي ته تڪراري معاملا طئي ڪيا ويندا. شيڊول مطابق جمع تي معاملا طئي ڪرڻا هئا پر ڪجهه اختلافي معاملن سبب ڳالهيون ويڪ اينڊ تي به جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزارت مختصر بيان جاري ڪيو آهي جنهن ۾ ڪو تفصيل ناهي ڏنو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪجهه نقطن تي ڊيڊلاڪ آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته ٻن ڏينهن ۾ معاملا طئي ٿي وڃن. امڪان آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڌرين ۾ معاملا طئي ٿيندا ۽ تفصيل 10 ڏينهن ۾ سامهون ايندا. ذريعن موجب 6 کان 8 ارب ڊالر جو پيڪيج ملي سگهي ٿو، هن مهل اصل مسئلو پاڪستاني روپئي جو ملهه ڪيرائڻ تي ڦاٿل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو