آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي چيف خلاف فوج پاران انڪوائري شروع

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد خلاف آرمي چيف انڪوائري جو حڪم ڏيندي ميجر جنرل سطح جي آفيسر جي سربراهي ۾ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته انڪوائري ڪميٽي پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد جي نجي هائوسنگ اسڪيم ٽاپ سٽي جي مالڪ معز احمد خان سپريم ڪورٽ ۾ درخواست ڏني هئي ته فيض حميد 12 مئي 2017 تي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي پنجاب رينجرز ۽ آءِ ايس آءِ جي اهلڪارن سندس گهر تي حملو ڪيو هو، سون ۽ هيرن جا زيور، گاڏيون ۽ روڪ رقم کڻي ويا هئا. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس اطهر من الله ڪيس ٻڌو هو ۽ چيو هو ته هڪ شهري جي بنيادي حقن جو معاملو اسين ازخود نوٽيس هيٺ ڪيئن ٿا ٻڌي سگهون؟ عدالت درخواست گذار کي دفاع واري وزارت سميت لاڳاپيل ادارن سان جاچ لاءِ رابطو ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو، جنهن بعد درخواست گذار جاچ لاءِ خط لکيا هئا. عدالت ۾ داخل درخواست ۾ چيو ويو هو ته ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جي ڀاءُ سردار نجف ثالثي ڪري معاملو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. درخواست گذار چيو هو ته سندس سئوٽ جيڪو فوج م برگيديئر هو ان معرفت ملاقات ڪئي. فيض حميد چيو ته هو 400 تولا سون ۽ روڪ رقم کانسواءِ ٻيون شيون واپس ڪرڻ لاءِ تيار آهي. درخواست ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته آءِ ايس آءِ جي رٽائرڊ برگيڊيئر نعيم فخر ۽ ريٽائرڊ برگيڊيئر غفار مبينا طور تي درخواستگذار کي ”مجبور“ ڪيو ته ”4 ڪروڙ نقد ادا ڪيا وڃن“ ۽ ”ڪجهه مهينن لاءِ هڪ خانگي ٽي وي چينل آپ نيوز نيٽ ورڪ کي اسپانسر ڪيو وڃي“. درخواست ۾ چيو ويو هو ته اڳوڻي آءِ ايس آءِ اهلڪار ارتضا هارون، سردار نجف، وسيم تابش، زاهد محمود ملڪ ۽ محمد منير به هائوسنگ سوسائٽي جي غيرقانوني قبضي ۾ ملوث هئا.هن هائوسنگ اسڪيم بابت سپريم ڪورٽ جو انساني حقن واري سيل م انڪوائري به هلندڙ هئي. جسٽس قاضي رڪارد طلب ڪيو ته کيس بڌايو ويو ته اڳوڻي چيف جسٽس ٽاقب نٽار رڪارڊ ئي ضايع ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. عدالت چيو ته ثاقب نثار جيڪو ڪجهه ڪيو اهو آئين جي خلاف هو.

پهنجو تبصرو موڪليو