ڳڙهي تيغو ۾ ڪارنهن الزام هيٺ زال مڙس هٿان قتل

ڳڙهي تيغو ۾ ڪارنهن الزام هيٺ زال مڙس هٿان قتل

شڪارپور (ن س)خانپور جي ڳڙهي تيغو علائقي ۾ جوابدار صدورو تيغاڻي مبينا طور ڪارنهن جي الزام هيٺ پنهنجي گهرواري شبيران تيغاڻي کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو۔تفصيل موجب:شڪارپور ڪوٽ شاھو ٿاڻي جي حد ڪچي جي ڳوٺ مديئر تيغاڻي م جوابدار مڙس صدوري تيغاڻي پاران ٻين ساٿين سان گڏجي پنھنجي گھر واري غلام شبيران کي گل حسن تيغاڻي سان ڪارنھن جو الزام ڏئي قتل ڪيو آھي، ذريعا ڪوٽ شاھو پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪارنھن الزام ھيٺ ناري جي قتل جا اطلاع نه مليو آھي، ڄاڻايل ڳوٺ ڪچي ۾ اچي ٿو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، آخري اطلاعن تائين نه قتل ٿيل عورت جو لاش مليو نه واقعي جو ڪيس داخل ٿي سگھيو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو