ڳاٽي ٽوڙمهانگائي عوام کي ڏينهن جو تارا ڏيکاري ڇڏيا: محنتي

ڳاٽي ٽوڙمهانگائي عوام کي ڏينهن جو تارا ڏيکاري ڇڏيا: محنتي

ڪراچي / سکر (نمائندن وٽان) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته حڪومتي بي حسي ۽ ادارن جي ناڪامي جي ڪري اڄ ڪشمور کان ڪراچي تائين عوام امن لاءِ سڪي رهي آهي، پ پ دير وارا حيلا هلائڻ بدران ڪراچي ۾ جماعت اسلامي جي مينڊيٽ کي تسليم ڪري، جيسيتائين سراج الحق مٿان حملي جو ماسٽر مائنڊ نٿو بي نقاب ٿئي تيستائين حڪومت خود ڏوهاري آهي.اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر ۾ ضلعي نظم جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، ضلعي امير ايڊوڪيٽ سلطان لاشاري، سٽي امير زبير حفيظ شيخ،اطلاعات سيڪرٽري مجاهدچناسميت ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. صوبائي امير وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي ظالم سرداران وڏيرن جي ظلم جو شڪار عوام جي اُميدن جو مرڪز آهي، بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ سنڌ جي عوام کي يرغمال بڻائي رکيو آهي جنهن کان نجات ڏيارڻ جي جدوجهد جاري رهندي. جماعت اسلامي وٽ ديانتداري جو ماڊل آهي جيڪا ڪرپٽ حڪمرانن جي مقابلي ۾عوام آڏو پيش ڪري ٿي، سنڌ جي ڌرتيءَ شاهد آهي باطل نظام خلاف هميشه حق وارن جي قربانين سان دلين کي فتح ڪيو ويو آهي، وياج واري نظام سبب مهانگائي جو خاتمو ناممڪن آهي، عوام ۾ دين جو شعور پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان سڀني کي سادگي ۽ قناعت واري زندگي گذارڻ گهرجي. هن چيو ته حڪومتي دعون جي ابتڙ مهانگائي عوام کي ڏينهن جو تارا ڏيکاري ڇڏيا آهن، پي ڊي ايم حڪومت هڪ سال ۾ قرض جا سڀئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڊالر 308 رپين تي پهچي چڪو آهي، ڪراچي کان ڪشمور تائين صوبو بدامني جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي، پر حڪمران اگهور ننڊ ۾ پيل آهن، ڪچي ۾آپريشن جي نالي تي 3ارب خرچ ڪرڻ باوجود سنڌ جا ماڻهو امن امان لاءِ سڪي رهيا آهن انڪري اهل ۽ ديانتدار قيادت ۽ نظام جي تبديلي کان بغير ملڪ ۽ قوم جي تقدير بدلائي نٿي سگهجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو