گٽارسٽ عدنان آفاق لاڏاڻو ڪري ويو،اداڪارن پاران خراج پيش

گٽارسٽ عدنان آفاق لاڏاڻو ڪري ويو،اداڪارن پاران خراج پيش

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)مشهور پاڪستاني گٽارسٽ عدنان آفاق گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.عدنان آفاق جي موت جي خبر جي تصديق آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي ڪئي.عدنان آفاق معدي جي ڪينسر ۾ مبتلا هو ۽ ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو.عدنان آفاق آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان جي ميوزڪ ڊپارٽمينٽ جو سربراهه هو، هن ڪيترن ئي نامور نوجوان فنڪارن کي موسيقي جي سکيا ڏني ۽ کين پاڪستان ميوزڪ انڊسٽري ۾ متعارف ڪرايو.هن ڏهاڪن تائين پاڪستان ميوزڪ انڊسٽري جي خدمت ڪئي.آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان پڻ پنهنجي پهرين ايلومنائي فيسٽيول جي پڄاڻي تي عدنان آفاق کي سندس خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو