گهٻرايل سياستدانن کي چوڌري جي عيادت ياد اچي پئي، خان

گهٻرايل سياستدانن کي چوڌري جي عيادت ياد اچي پئي، خان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم عمران خان مخالف ڌر جي اڳواڻن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته گهٻرايل سياستدانن کي نيٺ چوڌري شجاعت حسين جي صحت جو خيال اچي ويو آهي. هائيڊرو پاور ڊولپمينٽ بابت عالمي سمپوزيم کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان کي پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪالاباغ ڊيم هڪ سٺي سائيٽ آهي. هن چيو ته ڪالاباغ ڊيم تي سنڌ جي ڀائرن ۽ ڀينرن کي راضي نه ڪيو ويو ته پوءِ ملڪ دشمن قوتون کين استعمال ڪنديون، پاڪستان مخالف قوتون کين ٻڌائينديون ته اوهان جو پاڻي چوري ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي عوام کي قائل ڪرڻ لاءِ مهم شروع ڪرڻي پوندي ته اوهان کي ڪالاباغ ڊيم سبب فائدو ٿيندو. هنن کي قائل ڪرن کانسواءِ ڊيم جي اڏاوت شروع ٿي ته شرپسند سنڌ جي ماڻهن کي ورغلائيندا. وزيراعظم چيو ته چين 5 هزار ڊيم ٺاهيا آهن، تيل تي بجلي پيدا ڪريون ٿا، جيڪڏهن تيل جي قيمت وڌي ٿي ته بجلي جي قيمت به وڌي وڃي ٿي، جيڪڏهن پاڻي مان بجلي پيدا ڪريون ها ته بجلي مهانگي ڪرڻي نه پوي ها. هن چيو ته دنيا ڊگهي مدي واري رٿابنديءَ کان اڳتي وڌي رهي آهي، اسان چونڊن بابت سوچڻ بدران اڳتي جو سوچڻو پوندو. اسان وٽ پاڻي جي کوٽ آهي، صوبا چون ٿا اسان جو پاڻي گهٽجي ويو آهي، آبادي وڌي رهي آهي، اسان کي پوک به وڌائڻي پوندي، ان لاءِ به وڌيڪ پاڻي جي ضرورت پوندي. ان موقعي تي پاڻي جي معاملن بابت وزير مونس الاهي چيو ته وزيراعظم صااحب اسين اوهان سان تعلق نڀائڻ لاءِ جوڙيو آهي، اسين سياسي ماڻهو آهيون ملاقاتون ٿينديون رهنديون آهن. اوهان پي ٽي آءِ وارن کي چئو ته هو نه گهٻرائين.

پهنجو تبصرو موڪليو