گهوٽڪي ۾ گڏيل آپريشن جاري، 8 ڏوهارين پاران هٿيار ڦٽا

گهوٽڪي ۾ گڏيل آپريشن جاري، 8 ڏوهارين پاران هٿيار ڦٽا

گهوٽڪي: (ن س) سنڌ حڪومت جي حڪمن تي جاري نجات مهراڻ آپريشن جي وڌندڙ دٻاءُ کان پوءِ رانونتي جي ڪچي واري علائقي مان سنگين ڪيسز ۾ گهربل 8 ڏوهارين پوليس آڏو هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا.سرينڊر ڪندڙ ڏوهاري قتل، اغوا براءِ تاوان، چوري، ڦر، ڀتا خوري ۽ پوليس مقابلن سميت ٻين سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ گهربل هئا۔پيش ٿيل ڏوھارين ۾ رانجھو پٽ لعلڻ شر، الله الدين پٽ قطب شر، احمد علي شر، بشير پٽ پيرل شر، خادم پٽ بديھل شر، ساجد پٽ ميھار شر، ياسين پٽ لعلڻ شر، ميھوال پٽ نصير شر شامل آهن.ايس ايس پي گهوٽڪي وڌيڪ چيو ته پوليس جي وڏين ڪوششن کان پوءِ نيٺ ڏوهاري سرينڊر ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا، امن جي مڪمل بحالي تائين آپريشن جو سلسلو جاري رهندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو