گنڊاپور پاڻ چاهيندو هو ته وفاق سان معاملا خراب رهن: ڪنڊي

گنڊاپور پاڻ چاهيندو هو ته وفاق سان معاملا خراب رهن: ڪنڊي

پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته علي امين گنڊاپور پاڻ چاهيندو هو ته وفاق سان حالتون خراب ٿين،پشاور ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته علي امين گنڊاپور هڪ غير سياسي ۽ غير سنجيده شخصيت هو. ڪڏهن هو گورنر هائوس مان هٽائڻ جي ڳالهه ڪندو هو ۽ ڪڏهن چوندو هو ته بلاول ڀٽو زرداري کي ڪي پي ۾ اچڻ نه ڏيندو،فيصل ڪريم ڪنڊي چوي ٿو ته ڪنهن کي وڏيون ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن، عهدو ملڻ تي عاجزي ڪرڻ گهرجي. علي امين گنڊاپور جي وڃڻ تي پي ٽي آءِ ۾ جيڪا خوشي آهي اها اپوزيشن ۾ ناهي، پي ٽي آءِ جلد پنهنجو نجات جو ڏينهن ملهائيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو