اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس ۾ اٽارني جنرل، گهرو وزارت ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ آئيني بينچ ٻڌڻي ڪئي.جسٽس جمال مندوخيل چيو آهي ته گم ٿيل ماڻهن جو ڪيس تمام اهم آهي، اهڙا ڪيس هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ هلي رهيا آهن.هن چيو ته هزارين ماڻهو گم آهن، اعتزاز احسن ۽ لطيف کوسا جهڙا سينيئر سياستدان هتي بيٺا آهن.جسٽس جمال مندوخيل چيو ته مسئلي جو حل پارليامينٽ کي هٽائڻ ۾ آهي.آئيني بينچ گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










