ڪوڙي ڊگري تي گلگت بلتستان جو وڏو وزير نا اهل قرار

ڪوڙي ڊگري تي گلگت بلتستان جو وڏو وزير نا اهل قرار

گلگت )ويب ڊيسڪ)گلگت جي عدالت گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو.گلگت جي عدالت وڏي وزير خالد خورشيد کي جعلي ڊگري ڪيس ۾ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي.خالد خورشيد خلاف اليڪشن وڙهندڙ پيپلز پارٽي جي عبدالحميد ۽ (ن) ليگ جي راڻا فرمان علي خالد خورشيد جي ڊگري کي اليڪشن ڪميشن ۾ چئلينج ڪيو هو، جنهن تي چيف اليڪشن ڪمشنر وڏي وزير کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو هو.گلگت بلتستان جي وڏي وزير جي ڊگري لنڊن مان هئي پر لنڊن يونيورسٽي طرفان ان جي تصديق ناهي ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو