اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم شهباز شريف لگزري ۽ غير ضروري شين جي درآمد تي پابندي لڳائي ڇڏي. ذريعن موجب وزيراعظم لگزري ۽ غير ضروري شين جي درآمد تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، جنهن جي استعمال سان عام ماڻهو جي زندگي متاثر نه ٿيندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم لگزري گاڏين ۽ ڪاسٽميٽڪس سميت ٻين غير ضروري شين جي درآمد تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، جنهن تي فوري عملدرآمد جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.ذريعن موجب وزيراعظم امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ وچ ۾ واپاري خساري ۾ فرق جي ڪري لگزري آئٽمز جي درآمد تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي جنهن سان رپئي جي قدر ۾ وڌيڪ گهٽتائي نه ٿيندي.










