گاڏين تي ايڊووڪيٽ لکڻ غير قانوني آهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

گاڏين تي ايڊووڪيٽ لکڻ غير قانوني آهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس طارق محمود جهانگيري گاڏين جي نمبر پليٽن تي ايڊووڪيٽ لکڻ کي غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي وڪيلن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي جسٽس طارق جهانگيري چيو ته اسلام آباد جون عدالتون راولپنڊي جي گهٽين، پاڙن ۾ هونديون هيون، اسان هڪ عدالت ۾ پيش ٿيندا هئاسين ته ٻين ۾ ڪيسن کي ملتوي ڪرائڻو پوندو هو، اڄ جي وڪيلن کي تمام گهڻي آساني آهي ته ڪورٽ ڪمپليڪس موجود آهي.جسٽس طارق جهاگيري چيو ته وڪيل ڪيس جي تياري کان سواءِ پهچندا آهن ته تمام گهڻو ڏک ٿيندو آهي، هاءِ ڪورٽ جو ڪيس اسان کي ملندو هو ته اسان سڄي رات جاڳي تياري ڪندا هئاسين.هن وڌيڪ چيو ته ڪڏهن به ڪنهن عهدي لاءِ سفارش ناهي ڪرائي، سچي نيت ۽ محنت سان ڪيل ڪم سبب عهدا مليا، جج بنجڻ لاءِ به ڪڏهن ڪنهن کي سفارش جو ناهي چيو. ڦٽي کان وڪالت شروع ڪري هاءِ ڪورٽ جو جج بڻيس پوءِ ڪنفرم ٿيس. جسٽس طارق جهانگيري چيو ته اڄڪلهه گاڏين جي نمبر پليٽن تي ايڊووڪيٽ لکڻ عام بڻجي ويو آهي، اهو عمل غيرقانوني آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو