اسلام آباد(بيورو رپورٽ) گاسليٽ جي تيل جي قيمت ۾ 4 رپيا 9 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي. اوگرا گاسليٽ جي تيل جي قيمت ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو ، جنهن موجب گاسليٽ جي تيل جي قيمت ۾ 4 رپيا 9 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب گاسليٽ جي نئين قيمت 231 رپيا 14 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي. قيمت ۾ واڌ اڄ کان لاڳو ڪئي وئي آهي. ان کان اڳ گاسليٽ جي تيل جي قيمت 227 رپيا 5 پئسا في ليٽر هئي.










