لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ نيون فلور ملن کي ڪڻڪ جي فراهمي تي پابندي واري نوٽيفڪيشن جي شق 7 کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عابد حسين چشتي نئين فلور ملز جي درخواستن تي فيصلو جاري ڪندي سيڪريٽري فوڊ جي 19 مئي جي نوٽيفڪيشن جي شق 7 کي غير آئيني ۽ غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو.عدالت چيو ته نون لائسنس يافته فلور ملز تي پابندي بلاجواز آهي.نوٽيفڪيشن جو مقصد ڪڻڪ جي اڻاٺ فراهمي کي برقرار رکڻ ۽ قيمتن کي مستحڪم ڪرڻ هو، تنهن ڪري شق 7 آئين جي آرٽيڪل 25 جي ابتڙ آهي.عدالت چيو ته نوٽيفڪيشن جي شق 7 تحت فلور ملز کي نئين ۽ پراڻي ۾ ورهايو ويو آهي، جيڪو آئين جي خلاف آهي.










