ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته اربين رپين جي ڪڻڪ درآمد ڪرڻي پوندي ۽ ڪڻڪ جو اگهه 4200 رپيا في مڻ مقرر ڪيو وڃي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هر ڪاروباري شخص جو پنهنجو اختيار آهي ته ڪهڙو ڪاروبار ڪري، جيڪڏهن توهان پنهنجي هاري جي مدد نه ڪرڻ وارا آهيو ته پوءِ هو ڪڻڪ ڇو پوکيندو؟ ڪنهن ٻئي کي فائدو ڏيڻ کان بهتر آهي ته پنهنجي هاري کي فائدو پهچايو وڃي، هن چيو ته غير قانوني طور تي رهندڙ افغان پناهگيرن کي واپس وڃڻ گهرجي، شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ جون عورتون جتي به پڙهن يا ڪم ڪن اتي اسڪوٽي وٺي سگهن ٿيون، اسان عورتن کي مفت گلابي اسڪوٽر ڏئي رهيا آهيون ۽ جلد ئي اسان عورتن لاءِ گلابي اي وي ٽيڪسي پڻ شروع ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ عورتون ڊرائيور ۽ صرف عورت مسافر هونديون.










