ڪي پي  ۾ فورسز جون ڪارروايون، 4 خارجي مارجي ويا

ڪي پي ۾ فورسز جون ڪارروايون، 4 خارجي مارجي ويا

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي پبلڪ ريليشنز شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب، خيبرپختونخوا ۾ سيڪيورٽي فورسز جي 2 الڳ الڳ ڪاررواين ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 4 خارجي مارجي ويا آهن.آءِ ايس پي آر موجب، ڊيرا اسماعيل خان ۾ خارجي دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي، جتي شديد فائرنگ جي مٽاسٽا کانپوءِ 2 خارجي هلاڪ (جهنم واصل) ٿي ويا. پاڪ فوج جي ترجمان شعبي موجب، مہمند ضلعي ۾ هڪ ٻئي آپريشن دوران وڌيڪ 2 خارجي مارجي ويا، مارجي ويل خارجين جي قبضي مان هٿيار ۽ گولا بارود پڻ برآمد ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد عنصر علائقي ۾ دهشتگرديءَ جي ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ سرگرم هئا، ۽ علائقي ۾ موجود ڪنهن به ٻئي خارجيءَ جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. پاڪ فوج جي شعبي موجب، سيڪيورٽي فورسز ۽ پاڪستان جا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا نيشنل ايڪشن پلان جي وفاقي ايپيڪس ڪميٽي پاران منظور ڪيل ويزن “عزمِ استحڪام” تحت دهشتگرديءَ خلاف پنهنجي مسلسل مهم پوري قوت سان جاري رکندا. آءِ ايس پي آر موجب، ملڪ مان ٻاهرين سرپرستي ۽ حمايت يافته دهشتگرديءَ جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو