ڪي پي ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروائيون، 6 دهشتگرد مارجي ويا

ڪي پي ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروائيون، 6 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ٻن مختلف ڪارروائين ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان جي علائقي دوسالي ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ۾ دهشتگرد احمد شاهه عرف انتظار مارجي ويو. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته سيڪيورٽي فورسز ٻي ڪارروائي ڏکڻ وزيرستان جي علائقي کمرنگ ۾ ڪئي، دهشتگرد گروهه افغان سرحد تان دراندازي جي ڪوشش ڪري رهيو هو. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز دراندازي ناڪام بڻائي 5 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته 3 زخمي ٿيا.

پهنجو تبصرو موڪليو