راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخوا ۾ 3 مختلف ڪاررواين دوران سيڪيورٽي فورسز 15 خارجي دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 جوان به شهيد ٿي ويا. فوجي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 25 ۽ 26 اپريل تي خيبرپختونخوا جي مختلف ضلعن ۾ ٿيل آپريشنن دوران 15 خارجي دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 2 فوجي جوان به شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو ته سيڪيورٽي فورسز ضلع ڪرڪ ۾ خارجين جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو. بيان ۾ ٻڌايو ويو ته آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ 8 خارجي دهشتگردن کي واصلِ جهنم ڪيو ويو. پاڪ فوج جي ترجمان ٻڌايو ته ٻئي ڪارروائي اتر وزيرستان ۾ ڪئي وئي، جتي 4 خارجي دهشتگرد مارجي ويا. بهرحال، شديد فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 28 ورهين جو لانس نائيڪ عثمان مهمند ۽ 26 ورهين جو سپاهي عمران خان شهيد ٿي ويا. بيان مطابق، ٽيون آپريشن ڏکڻ وزيرستان جي گومل زام جي عام علائقي ۾ ڪيو ويو، جتي 3 خارجي دهشتگردن کي ماريو ويو. پاڪ فوج جي ترجمان ٻڌايو ته مارجي ويل سڀني دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ گولا بارود به هٿ آيو آهي، جڏهن ته اهي خارجي مختلف دهشتگرداڻين سرگرمين ۾ ملوث رهيا هئا. ڪلين اپ آپريشن جاري آهي.










