پشاور: خيبرپختونخواهه ۾ وڏي وزير جي چونڊ لاءِ مخالف ڌر جي پارٽين نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي،ذريعن جو چوڻ آهي ته وڏي وزير جي عهدي لاءِ مخالف ڌر جي پارٽين ۾ گڏيل اميدوار کي سامهون آڻڻ لاءِ صلاح مشورا جاري آهن، پر اڃا تائين وڏي وزير جي عهدي لاءِ ڪنهن به اميدوار جي نالي تي ڪو به اتفاق نه ٿيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ ن ۽ جي يو آءِ (ف) وڏي وزير جي عهدي لاءِ پنهنجا پنهنجا نالا فائنل ڪري ڇڏيا آهن، ذريعن موجب امڪان آهي ته جي يو آءِ (ف) طرفان اڪرم خان دراني يا مولانا لطف الرحمان کي نامزد ڪيو ويندو، جڏهن ته مسلم ليگ ن طرفان ڊاڪٽر عبادالله وڏي وزير جي عهدي لاءِ مضبوط اميدوار آهن، ان حوالي سان ڳالهائيندي جي يو آءِ (ف) جي صوبائي امير مولانا عطا الرحمان چيو ته وڏي وزير جي چونڊ لاءِ مخالف ڌر جون پارٽيون پنهنجا اميدوار آڻينديون، نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ هڪ آئيني ۽ قانوني حق آهي، جڏهن ته هڪ گڏيل اميدوار کي سامهون آڻڻ لاءِ مشاورت جو عمل جاري آهي، ٻئي طرف، ڪي پي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ڊاڪٽر عبادالله خان جو چوڻ آهي ته مخالف ڌر جي پارٽين جا اميدوار نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائيندا، جڏهن ته مخالف ڌر پاران وزيراعليٰ عهدي لاءِ پنهنجو اميدوار بيهاريو ويندو.










