ڪورونا سبب وڌيڪ 47فوت 2هزار نوان ڪيس رپورٽ

ڪورونا سبب وڌيڪ 47فوت 2هزار نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) سموري ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب هڪ ڏينهن ۾ 47 مريض فوت ٿي ويا جڏهن ته 2 هزار کان وڌيڪ مثبت ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.نينشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 38 هزار 369 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن کانپوءِ مجموعي ڪووڊ 19 ٽيسٽن جو انگ 70 لک 002 هزار 706 ٿي ويو.گذريل 24 ڪلاڪن دوران پوري ملڪ ۾ وڌيڪ 2 هزار 435 مثبت ڪيسز رپورٽ ٿيا، اهڙيءَ طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل مريضن جو انگ 4 لک 97 هزار 510 ٿي ويو آهي.سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت تائين سنڌ ۾ 2 لک 22 هزار 999، پناجب ۾ هڪ لک 43 هزار 511، خيبرپختونخواهه ۾ 60 هزار 536، اسلام آباد ۾ 38 هزار 842، بلوچستان ۾ 18 هزار 318، آزاد ڪشمير ۾ 8 هزار 430 ۽ گلگت بلتستان ۾ 54 هزار 878 ماڻهن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو