ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي ڪورنگي ضلعي جي عوام لاءِ سنڌ حڪومت جو هڪ ٻيو تحفو، پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت ڪورنگي ضلعي جي عوام سان ڪيل هڪ ٻيو واعدو پورو ڪري ڇڏيو، ڪاز وي پل ٺاهڻ لاءِ اخبارن ۾ ٽينڊر کي جاري ڪيو ويو آهي. سنڌ حڪومت جو ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪورنگي ڪاز وي تي برساتن دوران پاڻي هيٺ ڀرجي ويندو هو، جنهن ڪري ڪاز وي کي بند ڪرڻو پوندو هو، جنهن ڪري شهري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا هئا. هن چيو ته گذريل سخت برساتن دوران سنڌ حڪومت ڪورنگي ڪاز وي تي پل ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو، اڄ ان اعلان کي باضابطه طور تي پورو ڪري رهيا آهيون. جنهن لاءِ ڪورنگي ڪاز وي تي پل جي اڏاوت لاءِ قومي اخبارن ۾ ٽينڊر جاري ڪيا ويا آهن، جنهن سان ڀرپاسي وارن علائقن جي عوام جو ڪافي عرصي کان هلندڙ مسئلو حل ٿي ويندو.هن وڌيڪ چيو ته ڪورنگي ابراهيم حيدري، انڊسٽريل ايريا، بلال ڪالوني، عوامي ڪالوني، ڪوسٽ گارڊ، لانڍي ۽ ٻين علائقن جا ماڻهو هن پل مان فائدو کڻندا، ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽي عوام جي خدمت تي يقين رکندي آهي. اسان عوام سان ڪيل واعدا وقت تي پورا ڪري رهيا آهيون، عوام جي خدمت ڪرڻ پيپلز پارٽي جو مقصد آهي.










