ڪوئٽا ۽ ڀر پاسي ۾ 5 شدت جي زلزلي جا جهٽڪا

ڪوئٽا ۽ ڀر پاسي ۾ 5 شدت جي زلزلي جا جهٽڪا

ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ)ڪوئٽا شهر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. زلزلي کان پوءِ ماڻهن ڪلمي جو ورد ڪندي گهرن ۽ آفيسن مان ٻاهر نڪري آيا. زلزلي جي پيمائش واري مرڪز موجب ڪوئيٽا شهر ۽ ڀرپاسي علائقن ۾ شام 6 وڳي 29 منٽن تي زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، جن جي شدت 5.0 ريڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي پيما مرڪز ٻڌايو ته زلزلي جي اونهائي 25 ڪلوميٽر هئي ۽ ان جو مرڪز ڪوئيٽا شهر کان 65 ڪلوميٽر اولهه طرف هو. پي ڊي ايم اي اختيارين موجب، زلزلي سبب اڃا تائين ڪنهن به قسم جي نقصان جي ڪا رپورٽ نه ملي آهي، بهرحال هو هن سلسلي ۾ ضلعي انتظاميه سان رابطي ۾ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو