مانجهند (رپورٽ مهراڻ عمراڻي)سڪينا ڪوئلي جي ڪمپني ۾ 150’مقامي پورهيت برطرف ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. لاکڙا ڪول فيلڊ جي سڪينا ڪوئلا ڪمپني چوڪيدارن بيلچي مزدورن ميٽ ڪولي ڊرائيورن سميت 150 مزدورن کي نيڪالي ڏئي ڇڏي جنهن سبب سندن گهرن ۾ فاڪاڪشي واري صورتحال پيدا ٿي وئي روزگار جي بحالي بنيادي سهولتن جي فقدان خلاف پورهيتن احتجاجي ريلي ڪڍي ڪمپني روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي ڳوٺاڻن عبدالجبار عرف يتيم کوسو ديدار علي کوسو غلام عباس کوسو دلمراد کوسو لشڪران کوسو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ت سڪينا ڪوئلا ڪمپني زمين جي مالڪن مقامي پورهيتن کي بنا جواز نيڪالي ڏئي ڇڏي آھي جنهن سبب سندن معاشي قتل ٿيو آھي ڪمپني انتظاميا احتجاج ڪرڻ تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آھي سندن جڳهين تي ڌارين ماڻھن کي مقرر ڪيو ويو آھي سندن ڳوٺن کي لڏائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي ٿئي روزگارکان کتو جواب ڏئي ڇڏيو آھي سرمائيدار بلوچستان قبائلي سسٽم لاڳو ڪري بااثرن کي هتي آباد پئي ڪري سندن کاتي جي زمينن مان ڪروڙين روپين جو روزانو ڪوئلو نڪري ٿو پر سندن ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي تعليم صحت ترقي جي ڪا به سهولت ميسر ناهي کاڻين جي زهريلي پاڻي ۾ سندن زمينون بنجر بنجي ويون آھن سندن چوپايو مال زهريلو پاڻي واپرائي مري رهيو آھي ڪافي ڀيرا ڪول انتظاميا کي شڪايتون ڪيون آھن پر ڪوبه تدارڪ نه ٿي سگهيو آھي هنن وزير اعلي سنڌ منرل ڊپارٽمينٽ جي وزير امتياز شيخ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ت مزدورن کي بحال ڪري سموريون بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو










