ڪهڙن ڪهڙن نالن وارن ماڻهن لاءِ برو وقت شروع ٿئي پيو؟

ڪهڙن ڪهڙن نالن وارن ماڻهن لاءِ برو وقت شروع ٿئي پيو؟

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نامياري ايسٽرولوجسٽ ڀڳوانداس جٽيا هندي ايسٽولوجي جي مشهور لال ڪتاب جي آڌار تي اڳڪٿي ڪندي ٻڌايو آهي ته ح، ھ،. ق. ڪ ۽ ڳھ جي حرفن سان شروع ٿيندڙ نالن وارن ماڻهن جو برو وقت شروع ٿيڻ وارو آهي. هن جو چوڻ آهي ته مٿي ڄاڻايل حرفن وارن نالن جي ماڻهن جي طالع ۾ نحس ستارو مريخ جي نظر پوڻ جي ڪري 15 ڊسمبر 2023 کان 15 جنوري 2024 تائين هو دٻاءَ جو شڪار رهندا. انهن نالن وارن ماڻهن جي مّالفت وڌي ويندي، ڪمن ڪارين ۾ رڪاوٽون پيدا ٿينديون، گھريلو ڇڪتاڻ م اضافو ٿي سگهي ٿو، دوستن سان تڪرار ٿي سگهي ٿو ۽ خرچن ۾ اضافي جو امڪان آهي. مٿي ڄاڻايل حرفن وارن نالن وارن ماڻهن کي پنھنجي ڪمن ، سياسي، سماجي ، قانوني معاملات ۾ محطاط رهڻ گهرجي ۽ سوچي سمجهي فيصلا ڪرن گهرجن. جٽيا جو چوڻ آهي ته انهن ماڻهن لاءِ بهتر آهي ته اڱاري ڏينهن ھاڙهي ڪپڙي جو صدقو ڪرڻ گهرجي ۽ ڪنهن غريب کي ڏيڻ گهرجي. جنهن سان منفي اثر گهٽ ٿي سگهن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو