ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن کي ڪينٽونمينٽ علائقن مان ايم يو سي ٽي گڏ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ملير ڪينٽونمينٽ بورڊ جي رهواسين کان بجلي جي بلن ۾ ميونسپل ٽيڪس گڏ ڪرڻ جي معاملي تي ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ملير ڪينٽونمينٽ بورڊ اڳ ۾ ئي ڪنزروينسي ٽيڪس گڏ ڪري رهيو آهي، ڪي ايم سي بجلي جي بل ۾ ميونسپل چارجز به شامل ڪيا آهن.درخواستگذار جي وڪيل عثمان ايڊووڪيٽ چيو ته ٻه ادارا هڪ ئي وقت ميونسپل ٽيڪس گڏ ڪري رهيا آهن.عدالت ڪي اليڪٽرڪ کي حڪم ڏنو ته هو بجلي جي بلن ذريعي ڪينٽونمينٽ علائقن مان ايم يو سي ٽي گڏ ڪرڻ بند ڪري ۽ ميونسپل ٽيڪس جي وصولي کي ڪينٽونمينٽ بورڊن جو اختيار قرار ڏئي.










