سڪرنڊ (ن سنڌيار) جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته سنڌ جو انچ انچ ازل کان سنڌي قوم جي ملڪيت آھي ۽ اسين سنڌ ڌرتيءَ کي پنهنجي ماءُ سمجهون ته ان ڪري سمجهڻ گهرجي ته ماءُ جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا هُو سڪرنڊ باءِ پاس تي پهرين نومبر واري سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي حيدرآباد ۾ سڏيل ريلي جي دعوت ڏيڻ لاءِ پهچڻ وقت ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو هن سان گڏ ديدار شام ۽ ڏاڏو اطهر سومرو پڻ گڏ هئا هن چيو ته ڪراچي جي ٻيٽن سميت سنڌ جا جيڪي به قدرتي وسيلا آهن انهن تي صرف ۽ صرف سنڌي قوم جو حق آهي جنهن تي ڪنهنکي به ميري نظر ڪرڻ نه ڏينداسين هن اهو به چيو ته وفاق هجي يا صوبو هجي ٻنهي جي رياستي ادارن کي چئون ٿا ته هُو ٻيٽن جي والار يا وڪري واري سوچ ۽ هوڏ تان لهي وڃن صنعان قريشي وڌيڪ چيو ته پهرين نومبر واري ريلي تاريخي ريلي هوندي جنهن ۾ لکين سنڌي ماڻھو گڏ ٿي جيجل جي ٿڃ ملهائيندا ان کان اڳ جسقم جي مرڪزي ترجمان آصف رضا مگسي ۽ جيئمسٽ مسعود شاھ جي اڳواڻيءَ ۾ سوين ڪارڪن سندس شاندار آڌر ڀاءُ ڪيو جنهن کان پوءِ هو سڪرنڊ تعلقي جي مختلف ڳوٺن ۾ دعوتون ڏيڻ لاءِ روانو ٿيو جتي پڻ جلسه رٿيا ويا هئا ان موقعي تي مورڙو ميربحر ، راڻو جلباڻي ، غوث ڪيريو ، شبير مگسي ۽ ٻيا سوين ڪارڪن موجود هئا.










