ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ٽي وي ۽ ڊرامن جي اداڪارا ڪنزا هاشمي آچر ڏهاڙي تي ڪهڙي ريت انجواءِ ڪندي آهي هن پنهنجي مداحن سان تصوير شيئر ڪري ڇڏيون. انسٽاگرام تي ڪنزا هاشمي پنهنجي هڪ تصوير شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هوءَ انتهائي دلڪش نظر اچي رهي آهي. ڪنزا هاشمي پنهنجي تصوير جي ڪيپشن ۾ هيپي سنڊي لکيو ۽ پنهنجي هڪ تصوير شيئر ڪئي تصوير ۾ هن پيئڻ جي لاءِ جوس ۽ کائڻ جي لاءِ پيٽيس رکيا آهن. مداحن طرفان ڪنزا هاشمي جي تصوير کي گهڻو پسند ڪيو پيو وڃي ۽ انتي دلچسپ تبصرن جو سلسلو به جاري آهي.










