چونڊن بابت جلد ملاقات لاءِ صدر جي فرمائش تي ڪميشن جي معذرت

چونڊن بابت جلد ملاقات لاءِ صدر جي فرمائش تي ڪميشن جي معذرت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي چونڊن جي معاملي تي صدارتي آفيس جي مشاورتي عمل جو حصو ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن ٻن صوبائي اسيمبلين جي چونڊن جي معاملي تي صدارتي آفيس جي مشاورتي عمل جو حصو نه بڻجي سگهي.اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته چونڊن جو معاملو مختلف عدالتي فورمن ۾ التوا ۾ آهي ۽ ادارو اڳ ئي 19 فيبروري تي صدر پاڪستان کي جواب ڏئي چڪو آهي، تنهن ڪري اليڪشن ڪميشن جو موقف اڃا به اهو ئي آهي جيڪو 19 فيبروري تي هو.

پهنجو تبصرو موڪليو