ڪشمور رپورٽ علي حسن سومرو) ڪشمور ويجھو ڪچي جي گيھلپور واري علائقي ۾ حاجي خان شر ٿاڻي جي حد ۾ شر ۽ ڪوش برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ جي نتيجي ۾ ڀوري شر سندس زخمي ٿيل ڀاءُ معروف شر قتل ٿي ويا جڏهن ته ڪوش ڌر جو نورو ڪوش قتل ٿي ويو فائرنگ جي نتيجي 3 کان وڌيڪ زخمي ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويون انڌا ڌنڌ فائرنگ بعد علائقي جي چنڱن مڙسن وچ ۾ اچي فائرنگ بند ڪرائي ڇڏي علائقي ۾ خوف وارو ماحول ڇانئجي ويو، علائقو لاگو ايريا ھجڻ سبب پوليس نه پھتي










