اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ پاڪستان ڪرپٽو ڪائونسل ۽ ورلڊ لبرٽي فنانشل وچ ۾ معاهدي تي صحيحون ٿي ويون. وزارت خزانه پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ورلڊ لبرٽي فنانشل (جو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حمايت يافته هڪ غير مرڪزي مالي پليٽفارم آهي) پاڪستان ڪرپٽو ڪائونسل (پي سي سي) سان هڪ تاريخي مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون آهن، ته جيئن پاڪستان ۾ بلاڪ چين جدت، اسٽيبل ڪوائن جي اپنائڻ، ۽ غير مرڪزي مالي نظام جي انضمام کي تيز ڪري سگهجي. بيان موجب، ورلڊ لبرٽي فنانشل جي وفد ۾ زڪري فولڪ مين، زڪري وٽڪوف ۽ چيس هيرو شامل هئا، جن پاڪستان جي اعليٰ قيادت سان ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ وزيراعظم، چيف آف آرمي اسٽاف، نائب وزيراعظم، اطلاعات واري وزير ۽ دفاع وارو وزير شامل هئا. بيان ۾ چيو ويو ته انهن ملاقاتن جو مقصد پاڪستان ۾ بلاڪ چين جدت، اسٽيبل ڪوائن جي اپنائڻ، ۽ غير مرڪزي مالي نظام جي انضمام جي واڌاري لاءِ تعاون کي باضابطه بڻائڻ هو. معاهدي تي صحيحون ڪرڻ واري تقريب جي موقعي تي وفاقي اطلاعات واري وزير عطا تارڙ چيو ته پاڪستان ۾ ڪرپٽو ۽ ڊجيٽل فنانس جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ۽ ترقيءَ جو نئون دور شروع ٿي رهيو آهي.










