ڪراچي واسي گئس فراهمي جي وقتن   تي عمل نه ٿيڻ سبب پريشان

ڪراچي واسي گئس فراهمي جي وقتن تي عمل نه ٿيڻ سبب پريشان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچيءَ ۾ گئس فراهمي جي وقتن (اوقات) تي عمل نه ٿيڻ سبب شهري پريشان ٿي ويا آهن.صارفين جو چوڻ آهي ته صبح جو 6 کان 10 وڳي تائين گئس فراهمي جو شيڊول آهي، پر مختلف علائقن ۾ گئس 7 وڳي تائين بحال ڪئي ويندي آهي.صارفين موجب، ڪيترن ئي علائقن ۾ گئس 10 وڳي جي بجاءِ ساڍي 9 وڳي بند ٿيڻ جون شڪايتون آهن. حڪومتي اعلان تي سوئي سدرن گئس ڪمپني (SSGC) عمل ناهي ڪري رهي، جنهن ڪري گهرن ۾ عورتن کي سخت پريشانيءَ جو سامھون ڪرڻو پئجي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو