ڪراچي،بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب شهري عذاب ۾ مبتلا

ڪراچي،بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب شهري عذاب ۾ مبتلا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ بجلي جي سخت لوڊشيڊنگ سبب شهري مشڪلاتن جو شڪار آهن، ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ 12 ڪلاڪن کان وڌي وئي آهي.شھرِ قائد جي علائقن اورنگي، ڪورنگي، لياري، ماڙي پور ۽ لائنز ايريا ۾ لوڊشيڊنگ سبب زندگيءَ جون معمولات سخت متاثر آهن، جڏهن ته قائدآباد، ملير، منگهوپير، ڪياماڙي، سرجاني ۽ نيو ڪراچي ۾ پڻ ڪلاڪن جا ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي.سولجر بازار، هاڪس بي روڊ ۽ گلشنِ معمار جا رهواسي لوڊشيڊنگ سبب پريشان آهن، جڏهن ته ملير ۽ لانڍي ۾ به ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي غائب رهڻ لڳي آهي. بجلي جي طويل ۽ اڻ اعلانيل بندش خلاف اورنگي ٽائون سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ شهري سراپا احتجاج بڻيل آهن. اورنگي ۽ بلديہ ٽائون سميت مختلف علائقن ۾ 2 کان 3 ڏينهن تائين بجلي غائب رهڻ جون شڪايتون پڻ ملي رهيون آهن. شهرين جو مطالبو آهي ته اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي. ٻئي طرف، ڪي اليڪٽرڪ پاران 10 ڪلاڪن کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ جي ترديد ڪندي چيو ويو آهي ته بجلي جي بندش بلن جي عدم ادائگي (بل جمع نه ڪرائڻ) جي ڪري ڪئي ويندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو