ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): ڪراچي جي علائقي ڊالميا ۾ شهري کي گوليون هڻي قتل ڪندڙ مک جوابدار پوليس سان مبينا مقابلي دوران مارجي ويو آهي. پوليس موجب مارجي ويل جوابدار جي سڃاڻپ اياز عرف ڪي ڪي جي نالي سان ٿي آهي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ڊالميا واري علائقي ۾ ڊوهارين جي موجودگيءَ جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران جوابدارن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني. پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ شهري جو قاتل اياز عرف ڪي ڪي سخت زخمي ٿي پيو، جيڪو اسپتال منتقل ڪرڻ دوران دم ڌڻي حوالي ڪري ويو، جڏهن ته سندس ساٿي موقعي جو فائدو وٺندي فرار ٿي ويا. پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته مارجي ويل جوابدار علائقي ۾ خوف جي علامت بڻيل هو ۽ مٿس قتل سميت سنگين ڏوهن جا ڪيترائي ڪيس داخل هئا. پوليس پاران فرار ٿيل جوابدارن جي ڳولا لاءِ علائقي ۾ ناڪابندي ڪري سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.










