ڪراچي  ۾ گڏيل ڪارروائي، گهربل گينگ جو ڪمانڊر مارجي ويو

ڪراچي ۾ گڏيل ڪارروائي، گهربل گينگ جو ڪمانڊر مارجي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پوليس ۽ حساس اداري جي ڪارروائي، انتهائي گهربل گينگ وار ڪمانڊر مارجي ويو ڪراچي جي علائقي پراڻو گولي مار ۾ پوليس ۽ حساس اداري سان مقابلي ۾ انتهائي گهربل گينگ وار ڪمانڊر مهراج مارجي ويو آهي.پوليس موجب، مارجي ويل گينگ وار ڪمانڊر وٽان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد پڻ هٿ ڪيو ويو آهي. مارجي ويل دهشتگرد منشيات فروشي جي نيٽ ورڪ ۾ پڻ ملوث هو.ٻئي طرف، ايس آئي يو (SIU) ۽ رينجرز لياقت آباد ۾ آپريشن ڪري هڪ ڀتا خور کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن جي قبضي مان هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن.هوڏانهن درخشان پوليس ڪارروائي ڪندي آن لائن منشيات وڪرو ڪندڙ نيٽ ورڪ جي 4 ڪارندن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو