ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان ڪيمسٽ اينڊ ڊرگسٽ ايسوسي ايشن جي سينيئر وائيس چيئرمين عبدالصمد ٻڍاڻي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ٽيٽنس جي انجيڪشن جي کوٽ سبب مريضن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ٻڍاڻي جو چوڻ آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ خام مال نه ملڻ سبب ٽيٽنس انجيڪشن تيار نه ٿي سگهي، ٽيٽنس انجيڪشن جي کوٽ سبب مريض پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ ٽيٽنس جو اي ٽي ايس انجيڪشن غائب آهي، ڪجهه دڪاندار ٽيٽنس انجيڪشن بليڪ ۾ وڪرو ڪري رهيا آهن، 5 ملي لٽر انجيڪشن 50 کان 55 رپين ۾ ملندو آهي پر هاڻي ڏهوڻ تي وڌيڪ اگهه تي وڪرو ٿي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته دوا ساز ڪمپنين موجب انجيڪشن تيار ڪرڻ جو مسئلو حل ٿي ويو آهي، جلد ئي ٽيٽنس انجيڪشن مارڪيٽ ۾ دستياب ٿي ويندي.










