ڪراچي ۾ واپاري تي تشدد ڪندڙ ڊپٽي ڊائريڪٽر عهدي تان فارغ

ڪراچي ۾ واپاري تي تشدد ڪندڙ ڊپٽي ڊائريڪٽر عهدي تان فارغ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي صدر صرافه بازار علائقي ۾ هڪ واپاري کي مارڻ جي واقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن سرڪل علي مردان کي سندس عهدي تان هٽايو ويو.ڪراچي جي صرافه بازار ۾ ڪاروباري برادري جي خدشن ۽ اختيارن جي غلط استعمال جو مثبت جواب سامهون آيو.ايف آءِ اي ترجمان موجب، ڊائريڪٽر ايف آءِ اي ڪراچي زون نه رڳو نوٽيس ورتو پر تشدد ۾ ملوث آفيسرن خلاف قانوني ۽ کاتيوار ڪارروائي جي هدايت به ڪئي.ايف آءِ اي ترجمان چيو ته حڪمن جي مطابق، ٻن آفيسرن کي معطل ڪيو ويو آهي. انچارج ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن سرڪل ڪراچي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سيد علي مردان شاهه کي سندس عهدي تان هٽايو ويو ۽ هيڊ ڪوارٽر موڪليو ويو. اسسٽنٽ ڊائريڪٽر رباب قاضي کي ايف آءِ اي اي سي سي مان بدلي ڪري ايف آءِ اي اي ايڇ ٽي سي ۾ مقرر ڪيو ويو.ايف آءِ اي ترجمان موجب، ايس ايڇ او اينٽي ڪرپشن سرڪل محمد اقبال کي اڳ ئي معطل ڪيو ويو آهي، ۽ واقعي ۾ هڪ شهري کي ٿڦڙ هڻڻ ۾ ملوث هڪ خانگي شخص خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ايف آءِ اي جي ترجمان موجب، واقعي ۾ موجود سڀني آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف کاتيوار جاچ پڻ شروع ڪئي وئي آهي ته جيئن سڀني پهلوئن جو مڪمل، شفاف ۽ غير جانبدار جائزو وٺي سگهجي.ياد رهي ته ايف آءِ اي جي ڇاپي دوران دڪاندار تي تشدد جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو