ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي ٻيهر متاثر ٿيڻ جو خدشو

ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي ٻيهر متاثر ٿيڻ جو خدشو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي اوچتو ڪيبل فالٽ ٿيڻ سبب روشنين جي شهر ڪراچي کي هڪ ڀيرو ٻيهر پاڻي جي فراهمي سخت متاثر ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي. ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي انتظاميه موجب ڪيبل ۾ خرابي اچڻ ڪري ڌاٻيجي اسٽيشن جا ٽي پمپ عارضي طور تي بند ٿي ويا آهن، جنهن ڪري شهر ڏانهن ويندڙ پاڻي جي مقدار ۾ گهٽتائي آئي آهي. اختيارين موجب ٽيڪنيڪل عملو فوري طور تي خرابي کي دور ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. ٻئي پاسي، ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن کي بجلي فراهم ڪندڙ ڪي ڊي اي پمپنگ فيڊر ٽو جي فالٽ سان ڪي اليڪٽرڪ جو ڪو به واسطو ناهي. ترجمان دعويٰ ڪئي ته 22 مان 19 پمپنگ موٽرز کي بجلي جي فراهمي بحال آهي، پر هو واٽر ڪارپوريشن جي عملي سان فني معاونت لاءِ مسلسل رابطي ۾ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو