ڪراچي ۾ پوليس اهلڪار قتل، جوابدار جي  ويڊيو ذريعي سڃاڻپ ٿي وئي

ڪراچي ۾ پوليس اهلڪار قتل، جوابدار جي ويڊيو ذريعي سڃاڻپ ٿي وئي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڊفينس ۾ ڪار ڊرائيور جي مبينا فائرنگ سبب پوليس اهلڪار جي مارجي وڃڻ واري واقعي ۾ جوابدارن ۽ پوليس اهلڪارن وچ ۾ جهيڙي جي وڊيو سامهون اچي وئي آهي.وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پوليس اهلڪار پستول هٿ ڪري جوابدار کي گاڏي ۾ ويهڻ ۽ پوليس اسٽيشن وڃڻ لاءِ چئي رهيو آهي.ٻئي طرف پوليس ڊفينس فيز 5 ۾ پوليس اهلڪار جي قتل ۾ ملوث جوابدار جي سڃاڻپ ڪري ورتي آهي، فائرنگ ڪندڙ خرم نثار 5 نومبر تي سويڊن کان ڪراچي آيو هو.ايس ايس پي ڏکڻ اسد رضا موجب فائرنگ خرم نثار نالي جوابدار ڪئي، جوابدار وٽان استعمال ٿيل هٿيار ۽ گاڏي هٿ ڪئي وئي آهي، جوابدار جي هڪ ساٿي کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.ايس ايس پي جيو نيوز کي ٻڌايو ته شهيد اهلڪار به جوابدارن تي جوابي فائرنگ ڪئي.پوليس موجب ان حوالي سان ايئرپورٽس ۽ هاءِ ويز جي اختيارين کي آگاهه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عوام کي گذارش آهي ته جوابدارن بابت ڪا به ڄاڻ هجي ته فوري طور تي فراهم ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو