ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڊفينس ۾ ڪار ڊرائيور جي مبينا فائرنگ سبب پوليس اهلڪار جي مارجي وڃڻ واري واقعي ۾ جوابدارن ۽ پوليس اهلڪارن وچ ۾ جهيڙي جي وڊيو سامهون اچي وئي آهي.وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پوليس اهلڪار پستول هٿ ڪري جوابدار کي گاڏي ۾ ويهڻ ۽ پوليس اسٽيشن وڃڻ لاءِ چئي رهيو آهي.ٻئي طرف پوليس ڊفينس فيز 5 ۾ پوليس اهلڪار جي قتل ۾ ملوث جوابدار جي سڃاڻپ ڪري ورتي آهي، فائرنگ ڪندڙ خرم نثار 5 نومبر تي سويڊن کان ڪراچي آيو هو.ايس ايس پي ڏکڻ اسد رضا موجب فائرنگ خرم نثار نالي جوابدار ڪئي، جوابدار وٽان استعمال ٿيل هٿيار ۽ گاڏي هٿ ڪئي وئي آهي، جوابدار جي هڪ ساٿي کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.ايس ايس پي جيو نيوز کي ٻڌايو ته شهيد اهلڪار به جوابدارن تي جوابي فائرنگ ڪئي.پوليس موجب ان حوالي سان ايئرپورٽس ۽ هاءِ ويز جي اختيارين کي آگاهه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عوام کي گذارش آهي ته جوابدارن بابت ڪا به ڄاڻ هجي ته فوري طور تي فراهم ڪيو وڃي.










