ڪراچي ڪنگز دلچسپ مقابلي کانپوءِ ملتان کي شڪست ڏئي ڇڏي

ڪراچي ڪنگز دلچسپ مقابلي کانپوءِ ملتان کي شڪست ڏئي ڇڏي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايڇ بي ايل پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 10 جي ٽئين ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز ملتان سلطانز کي شڪست ڏئي ڇڏي. ڪراچي ڪنگز 235 رنسن جو هدف آخري اوور ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪيو ۽ ملتان سلطانز کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏني.ڪراچي ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو ۽ ملتان سلطانز کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. ملتان سلطانز لاءِ ڪپتان محمد رضوان ۽ هوپ اننگز جي شروعات ڪئي ۽ پهرين وڪيٽ لاءِ 55 رنسن جي ڀائيواري ڪئي، پر هوپ 8 رنسون ٺاهڻ کان پوءِ آئوٽ ٿي ويو. ان کان پوءِ عثمان خان به 19 رنسون ٺاهڻ کان پوءِ پويلين موٽي ويو.رضوان هن ايڊيشن جي پهرين سينچري اسڪور ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو، 105 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي. محمد رضوان اها اننگز 63 بالن تي پنج ڇڪن ۽ 9 چوڪن جي مدد سان کيڏي. ڪيوي آل رائونڊر مائيڪل بريس ويل 17 بالن تي 44 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ڪامران غلام 36 رنسون ٺاهيون.ملتان سلطانز مقرر 20 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 234 رنسون ٺاهيون. ڪراچي ڪنگز پاران حسن علي، عباس آفريدي ۽ خوشدل شاهه هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ملتان سلطانز جي 235 رنسن جي هدف جي پويان، ڪراچي ڪنگز پنهنجون پهرين چار وڪيٽون 79 رنسن تي وڃائي ڇڏيون، پر جيمس ونس ۽ خوشدل شاهه جارحاڻي راند کيڏي. پنجين وڪيٽ لاءِ 142 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي وئي ۽ جيمس ونس هڪ فاتحانه سينچري اننگ کيڏي ۽ 101 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو. ڪراچي ڪنگز آخري اوور ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 235 رنسن جو هدف حاصل ڪيو ۽ ملتان سلطانز کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏني.خوشدل شاهه 60 رنسون ٺاهي نمايان رهيو. ملتان سلطانز پاران عاڪف جاويد 3 وڪيٽون حاصل ڪيون.

پهنجو تبصرو موڪليو