ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ڪڪڙ جي گوشت ۽ انڊيءَ جي قيمتن ۾ به ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي.شهر قائد ۾ فارمي انڊا 290 کان 300 رپيا في درجن ۾ وڪرو ٿي رهيا آهن، جڏهن ته ملڪي انڊا 600 رپيا في درجن ۽ سون جا انڊا 400 کان 420 رپيا في درجن ۾ ملن ٿا.ڪراچي ۾ زنده مرغي جو اگهه 380 رپيا في ڪلو جڏهن ته مرغي جو گوشت 600 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي.شهرين جو چوڻ آهي ته مهانگائي سبب ٻه وقت جي ماني کائڻ به مشڪل ٿي ويو آهي، هر شيءِ جي خريداري اسان جي پهچ کان ٻاهر ٿيندي پئي وڃي.










