ڪراچي: مختلف علائقن ۾ پوليس مقابلا، 1 ڌاڙيل مارجي ويو، 6 گرفتار

ڪراچي: مختلف علائقن ۾ پوليس مقابلا، 1 ڌاڙيل مارجي ويو، 6 گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ پوليس مقابلن دوران 1 ڌاڙيل (ڊاڪو) مارجي ويو جڏهن ته 6 کي گرفتار ڪيو ويو آهي.پوليس موجب، لياقت آباد چونا ڊيپو ويجهو مقابلي ۾ 1 ڌاڙيل مارجي ويو جڏهن ته 1 ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، ۽ سندن گڏ موجود 1 جوابدار فرار ٿي ويو. پوليس ڌاڙيلن وٽان هٿيار، موبائل فون ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪري ورتي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته نيپا پُل ويجهو مقابلي کانپوءِ زخمي سميت 2 ڌاڙيلن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن کان هٿيار، موبائل فون ۽ موٽرسائيڪل برآمد ٿي آهي. ان کان علاوه، اورنگي ٽائون سيڪٽر ساڍا 11 ۾ پوليس مقابلي کانپوءِ زخمي سميت 4 ڌاڙيلن کي گرفتار ڪيو ويو. ڌاڙيلن جي قبضي مان هٿيار، نقدي، موبائل فون ۽ 2 موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو