ڪراچي سينٽرل ۽ ڪورنگي جا ايڊمنسٽريٽر فارغ

ڪراچي سينٽرل ۽ ڪورنگي جا ايڊمنسٽريٽر فارغ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه شڪايتن تي سينٽرل ۽ ڪورنگي ضلعن جي ميونسپل ڪمشنرن کي عهدن تان هٽائڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا ۽ ايم ڊي واٽر بورڊ کي آخري وارننگ ڏيندي چيو ته عوامي شڪايتن جو ترت ازالو ڪيو وڃي. اهڙيون هدايتون مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ڪراچي جي ترقياتي ڪمن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت دوران جاري ڪيون. صوبائي وزير سيڪريٽري بلديات کي هدايت ڏني ته ٻنهي آفيسرن کي فوري طور عهدن تان هٽايو وڃي. اجلاس ۾ تعليم ۽ پورهئي وارو وزير سعيد غني، وڏي وزير جو خاص مددگار ۽ جنرل سيڪريٽري پيپلزپارٽي سنڌ وقار مهدي، پيپلزپارٽي ڪراچي ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري جاويد ناگوري، پيپلزپارٽي ڪراچي جي سمورن ضلعن جي صدر، جنرل سيڪريٽريز ۽ اطلاعات  سيڪريٽريز کان علاوه سيڪريٽري بلديات نجم احمد شاهه، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي لئيق احمد،ايم ڊي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ اسدالله خان، سمورن ڊي ايم سيز جي ايڊ منسٽريٽرن، ميونسپل ڪمشنرن، ڪي ايم سي، واٽر بورڊ سميت ٻين کاتن جي اعليٰ آفيسرن به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪراچي ۾ جاري ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو ويو. مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي هي اجلاس گهرايو ويو آهي ته جيئن ڪراچي جي شهرين جا مسئلا حل ٿي سگهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ سمورن جاري ترقياتي ڪمن کي هر صورت ۾ وقت سر مڪمل ڪيو وڃي. هن وقت ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف سنڌ حڪومت ئي ڪرائي رهي آهي. هن هدايت ڏني ته واٽر بورڊ شهر ۾ ليڪيجز بند ڪرڻ تي ڌيان ڏئي ته جيئن روڊ خراب ٿيڻ کان بچي سگهن. هن هدايت ڏني ته ضلعي سطح تي اهڙي قسم جا اجلاس گهرايا وڃن ته جيئن عوام جي مسئلن کي حل ڪري سگهجي . صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته عوامي مسئلن جي حل ۾ رنڊڪون وجهندڙن ڪنهن به آفيسر کي برداشت نه ڪيو ويندو.ان موقعي تي تعليم ۽ پورهئي واري وزير سعيد غني چيو ته سنڌ سرڪار جي ڪمن تي ٻيون سياسي جماعتون سياست چمڪائي رهيون آهن. اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ڪراچي کي وفاق جي پيڪيج تي هلايو پيو وڃي. حقيقت هي آهي ته وفاق پاران پهريون به 162 ارب رپين جي پيڪيج جو لولي پاپ ڏنو ويو ۽ هاڻي به وفاق پاران منصوبن لاءِ ڪا رقم ناهي ڏني وئي اجلاس ۾ پيپلزپارٽي جي ضلعي عهديدارن واٽر بورڊ جي ڪارڪردگي تي عدم اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته واٽر بورڊ جا آفيسر عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ انهن سان سهڪار نه ٿا ڪن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو