ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي سرڪلر ريلوي جزوي طور ايندڙ 6 مهينن ۾ بحال ٿي ويندي ۽ جديد ڪي سي آر منصوبي تي به ڪم جاري رهندو. اهڙو اظهار هن سندس صدارت ۾ ٿيل سرڪلر ريلويز جي بحالي بابت اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير اسد عمر، پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ ۽ سيڪريٽري ريلوي، چيف سيڪريٽري سنڌ ممتاز شاهه، اي جي سنڌ، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي، ڪمشنر ڪراچي، ٽرانسپورٽ ۽ ناڻي کاتا جا سيڪريٽريز به شرڪت ڪئي. ڪراچي سرڪلر ريلوي تي وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي گڏيل اجلاس دوران چيو ويو ته ريلوي کاتو ڪي سي آر جي ماسٽر پلان تي ڪم ڪري رهيو آهي، ڪي سي آر منصوبو ٽن مرحلن تي ٻڌل آهي.پهرئين مرحلي ۾ سنگل لنڪ ٽريڪ، رولنگ اسٽاڪ ۽ اوور آپريشن تي ڪم ڪيو ويندو، ٻئي مرحلي ۾ ٽريڪ کي ڊبل ڪيو ويندو جنهن ۾ سگنل لڳايا ويندا، فينسنگ ٿيندي ۽ فلائي اوور توڙي انڊر پاسز ٺاهيا ويندا، جڏهن ته ٽئين مرحلي ۾ جديد اربن ريل بيسڊ ماس ٽرانزٽ ٺاهيو ويندو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ سرڪار ڪي سي آر شروع ڪرڻ لاءِ ريلوي اختيارين سان مڪمل سهڪار ڪندي. وڏي وزير چيو آهي ته ڪي سي آر 1964 ۾ شروع ٿي ۽ 1984 تائين هلندي رهي، 1999 ۾ ڪي سي آر بند ٿي وئي، جنهن کانپوءِ سنڌ حڪومت 2006 ۾ ڪي سي آر جي منظوري ڏني، ڪي سي آر پروجيڪٽ ايڪنيڪ ۽ اِي سي سي کان منظور ٿيو جنهن جي لاڳت 6. 2 بلين ڊالر هئي، جاپاني امدادي اداري جائڪا 2010 تائين پروجيڪٽ جي فزيبلٽي ۽ ٻين مامرن تي ڪم ڪيو جنهن کانپوءِ وفاقي حڪومت جي سرد مهري سبب جائڪا وارا واپس هليا ويا. هن ٻڌايو ته اسين 2016 ۾ وزيراعظم کان ڪي سي آر کي سيپيڪ ۾ شامل ڪرايو، ڪي سي آر جو 12 ڪلو ميٽر جو سيڪشن پاڪستان ريلويز جو پروجيڪٽ ايم ايل ون کان اوور لوپنگ ڪري رهيو هو. وڏي وزير چيو ته ايڪنيڪ، ڪي سر آر جو پروجيڪٽ 2017 ۾ 6. 207 بلين روپين جي چائنيز لون تي منظور ٿيو، ڪي سي آر روٽ جي ڊگهائي 13. 43 ڪلو ميٽر آهي. سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته آن گرائونڊ 95. 14 ڪلو ميٽر ۽ 18. 28 ڪلو پُل ٺاهي اوور گرائونڊ تي هلندو، ان جا 24 اسٽيشنز هوندا ۽ 55 هزار مسافر روزاني سفر ڪندا، ڪي سي آر روٽ کان سموريون حد دخليون هٽايون ويون آهن باقي 5 ڪلوميٽر رهي ٿي جيڪا ڪليئر ڪرڻي آهي. ان موقعي تي ريلوي واري سيڪريٽري اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ڪي سي آر کي بحال ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ايندڙ 6 مهينن ۾ ڪي سي آر موجوده الائنمنٽ تي بحال ڪئي ويندي ان سان گڏ جديد ڪي سي آر پروجيڪٽ تي به ڪم ٿيندو. هن چيو آهي ته ريلويز جي 12 ڪلو ميٽر جي لائن گرين لائن پروجيڪٽ تائين ٺاهي ويندي، منسٽري آف ريلويز ڪي سر آر جي ماسٽر پلان تي ڪم ڪري رهي آهي.










