ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ترقي ۽ مسئلن جي حل لاءِ پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آئي جي نمائندن تي مشتمل مشاورتي ڪميٽ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سنڌ جي اطلاعات واري وزير سيد ناصر شاهه ان جي تصديق ڪنديچيو آهي ته پ پ، پي ٽي آئي ۽ ايم ڪيو ايم جو ڪراچي جي تعمير ۽ ترقي لاءِ اتحاد ۽ اتفاق سٺو سنوڻ آهي، ٽنهي جماعتن جو ڪراچي جي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم عوام لاءِ سٺي خبر آهي جيڪا دشمنن کان برداشت نه ٿيندي.هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ سنڌ خاص طور تي ڪراچي شهر ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ٿيا آهن، سنڌ حڪومت هر ان جماعت يا ماڻهو کي ڀيلڪار چوندي جيڪو ڪراچي جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪندو، سنڌحڪومت نالن جي صفائي لاءِ وفاقي حڪومت ۽ اين ڊي ايم اي کي ڀيليڪار چيو، وڏي وزير جون ڪراچي جي ترقي لاءِ ڪيل ڪوششون وسارڻ جوڳيون ناهن. ياد رهي ته مشاورتي ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪرڻ واري اجلاس ۾ گورنر عمران اسماعيل، وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ ميئر ڪراچي به شامل هئا. هوڏانهن متحده پاڪستان جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان ٽوئيٽ جاري ڪندي چيو آهي ته مقامي ماڻهن کي اختيار ڏيڻ کانسواءِ ڪراچي جا مسئلا حل نه ٿيندا، ڪراچي سوڌو سموري ملڪ ۾ نوَن صوبن جو قيام عمل ۾ آندو وڃي.










