ڪراچي جو بهتر مقابلو پر ملتان پاران کيس 11 رنز تان شڪست

ڪراچي جو بهتر مقابلو پر ملتان پاران کيس 11 رنز تان شڪست

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملتان، ڪراچي کي 11 رنز تان شڪست ڏئي 10 پوائنٽ سان ٽيبل تي ٻئي نمبر تي برقرار آهي.  208 رنز جي ٽارگيٽ لاءِ ڪراچي ڪوشش ڪئي پر وڏي پارٽنرشپ ٺاهن ۾ بيٽر ناڪام ويا، پاور پلي ۾ 3 رناديگر آئوٽ ٿي ويا 1. اوپنر جين راءِ 16 رنز ۽ سعد بيگ 21 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا، سلمان آغا 2 ريضا هينڊرڪ 49 ۽ معين علي 27 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا. 15 اوورن ۾ 137 تي 5 وڪيٽون ڪري چڪيون هيون. خوشدل 4 ۽ شاهد عزيز زيرو تي آئوٽ ٿيا، عباس آفريدي زبردست شاٽ کيڏيا. حسن علي به ايندي ئي پهرين بال تي ڇڪو هنيو ٻئي بال تي سندس ڪيچ مومن قمر ڊراپ ڪيو، آخري 3 اوورن ۾ 40 رنز گهربل هيون. عباس آفريدي 19هين اوور جي پهرين بال تي وڏي شاٽ جي چڪر ۾ آئوٽ ٿي ويو پر هن 16 بالن تي 34 رنز ٺاهي ڪراچي جي فتح جي اميد پيدا ڪئي. ساڳئي اوور ۾ حسن علي جو ٻيهر ڪيچ ڊراپ ٿيو، عرفات منهاس ڪيچ ڊراپ ڪيو. ايڊم زمپا رن آئوٽ ٿي ويو ۽ ڪراچي جون 9 وڪيٽون ڪري پيون. مير حمزه آيو جنهن هڪ بال روڪي آخري اوور حسن علي کي کيڏڻ لاءِ ڏنو، هن 10 بالن تي 23 رنز ٺاهيون پر ڊبل جي چڪر ۾ رن آئوٽ ٿي ويو. ڪراچي جي پوري ٽيم 197 تي آئوٽ ٿي وئي. ان کان اڳ ڪراچي ڪنگز ٽاس کٽي ملتان سلطان کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. ملتان پاران اويس ظفر ۽ اسٽيو سمٿ اننگ شروع ڪئي. صاحبزاده فرحان کي آرام ڪرايو ويو. ڪراچي پاران اعظم خان بدران سعد بيگ وڪٽ ڪيپنگ ڪئي. اڄ به وارنر نه کيڏيو ۽ معين علي ڪپتاني ڪئي. سمٿ 3 بال کيڏڻ بعد زيرو تي خوشدل جي بال تي حسن علي هٿان ڪيچ ٿي ويو. ون ڊائون جوش فلپي ۽ اويس ظفرزبردست شاٽ کيڏيا ۽ فلپي ٻن ڇڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 23 بالن تي 43 رنز ٺاهي خوشدل جي بال تي بولڊ ٿي ويو. جنهن بعد اويس ظفر به خوشدل جو ٽيون شڪار بڻيو۽ 121 جي مجموعي اسڪور تي هڪ ڇڪي 5 چوڪن جي مدد سان 26 بالن تي 36 رنز ٺاهي شاهد عزيز هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد ڪپتان ايشٽن ٽرنر آيو. شان مسعود خوشدل کي لڳاتار 2 ڇڪا هنيا جنهن بعد معين علي کيس اسٽمپ آئوٽ ڪرايو، هن 3 ڇڪا ۽ 3 چوڪا هڻي 25 بالن تي 46 رنز ٺاهيون. ڪراچي 7 بالر آزمايا پر اسڪور ڪنٽرول نه ٿيو. خوشدل 4 اوورن ۾ 35 رنز ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون. ٽرنر، 11 رنز ٺاهي معين علي جي بال تي ريضا هنڊرڪس هٿان ڪيچ ٿيو. عرفات 12 بالن تي 17 رنز ٺاهي حسن علي جي بال تي ڪيپر هٿان ڪيچ ٿيو. 18 اوور مڪمل ٿيڻ تي 174 رنز ت ملتان جا 6 آئوٽ هئا. محمد نواز 12 رنز ٺاهي ايڊم زيمپا جي بال تي هينڊرڪس هٿان ڪيچ ٿيو. آخري اوور ۾ حسن علي کي عمران رنڌاوا حسن علي کي لڳاتار هڪ چوڪو ۽ 2 ڇڪا هڻي ٽيم جو اسڪور 200 کان پار ڪرايو ۽ آخري اوور ۾ 21 رنز ٺاهيون. ملتان سلطان 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 207 رنز ٺاهيون. رنڌاوا 8 بالن تي 26 رنز ٺاهي نات آئوٽ رهيو. وسيم جونئر 7 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو