ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي اورنگي ٽائون سيڪٽر 10 ايل ۾ هڪ مبينا پوليس مقابلي کانپوءِ زخمين سميت ٽن ڌاڙيلن کي گرفتار ڪيو ويو.ڌاڙيلن جي قبضي مان هٿيار ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي.فيڊرل بي انڊسٽريل ايريا ۾ پوليس ۽ ڪار لفٽرن وچ ۾ فائرنگ جو تبادلو ٿيو، جنهن کانپوءِ پوليس هڪ ڪار لفٽر کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو جڏهن ته سندس ٻه ساٿي فرار ٿي ويا.گرفتار ڪار لفٽر کان الفلاح علائقي مان چوري ٿيل هڪ پستول ۽ هڪ ڪار هٿ ڪئي وئي.ان کان علاوه، صفورا چورنگي ويجهو چار ڌاڙيل هڪ نوجوان کان موبائل فون ۽ هڪ موٽرسائيڪل کسي فرار ٿي ويا.










