ديوالي جي تهوار تي هندو برادتر کي مبارڪباد پيش

ديوالي جي تهوار تي هندو برادتر کي مبارڪباد پيش

ڪراچي(پ ر)سي اي او واٽر ڪارپوريشن احمد علي صديقي ۽ سي او او انجنيئر اسدالله خان هندو برادري جي مذهبي تهوار ديوالي جي پر مسرت موقعي تي پنهنجي گڏيل پيغام ۾ سنڌ سميت سڄي دنيا جي هندو برادري خاص طور تي واٽر ڪارپوريشن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ هندو آفيسرن ۽ ملازمن کي دلِي مبارڪباد ۽ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو آهي۔ پنهنجي پيغام ۾ هنن چيو تہ اسان پنهنجي هندو ڀائرن جي خوشين ۾ برابر جا شريڪ آهيون ڇاڪاڻ تہ ديوالي روشني اميد ۽ خوشيءَ جو تهوار آهي جيڪو اونداهي تي روشني ۽ برائي تي سٺائي جي فتح جي علامت آهي ۽ هي تهوار انهن مثبت قدرن جي نمائندگي ڪري ٿو جيڪي مختلف برادرين جي دلين کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻين ٿيون۔ ھنن جو چوڻ هو تہ پاڪستان جو ثقافتي ۽ مذهبي تنوع اسان جي اصل طاقت آهي ۽ اسان کي پنهنجي رواداري برداشت ۽ هم آهنگي تي فخر آهي جيڪا اسان کي هڪ قوم طور متحد ڪري ٿي. ديوالي جي موقعي تي اسان کي اتحاد، ڀائچاري ۽ خدمتِ انسانيت جي جذبن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي تہ جيئن اسان معاشرتي هم آهنگي کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهون. ھنن چيو ديوالي اسان کي اهو سبق ڏئي ٿي تہ اسان کي انهن ماڻهن جي مدد لاءِ هميشہ تيار رهڻ گهرجي جيڪي مشڪلات يا مصيبتن ۾ مبتلا آهن. پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اقليتن خاص طور تي هندو برادري جون قيمتي خدمتون شامل آهن جن کي ڪنهن صورت نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. ھنن وڌيڪ چيو تہ واٽر ڪارپوريشن پنهنجي سمورن اقليتي آفيسرن ۽ ملازمن جي خدمتن جو دل سان اعتراف ڪري ٿو جيڪي ٻين ملازمن وانگر اداري جي استحڪام نيڪنامي ۽ شهرين جي خدمت ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ھنن اميد ظاهر ڪئي تہ اقليتي ملازم پنهنجي ايمانداري سچائي ۽ محنت جي روايت کي جاري رکندي مستقبل ۾ به ساڳي جذبي سان پنهنجا فرض نڀائيندا رهندا. آخر ۾ هنن دعا ڪئي تہ روشني جو هي خوبصورت تهوار سمورن اهلِ وطن لاءِ امن، خوشحالي ۽ ڀائچاري جو پيغام بڻجي اچي ۽ اسان جي ملڪ ۾ مختلف مذهبن ۽ عقيدن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي وچ ۾ باهمي احترام، اتحاد ۽ محبت جا رشتا وڌيڪ مضبوط ٿين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو