ڪار ساز سانحي کي 18 سال گذري ويا،يادون اڄ به تازه،خراج پيش

ڪار ساز سانحي کي 18 سال گذري ويا،يادون اڄ به تازه،خراج پيش

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪار ساز سانحي جا زخم جيڪي اڄ تائين ڀرجي ناهن سگهيا. ڪار ساز سانحي کي 18 سال گذري ويا، المناڪ واقعي جو ڏک ڀريون يادون اڄ به تازه آهن. 18 آڪٽوبر 2007 اهو ڏينهن جڏهن اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو ڊگهي جلا وطني کان پوءِ ملڪ پهتي ته ڪراچي ايئرپورٽ تي جيالن انهي جو شاندار استقبال ڪيو. عوام جي سمنڊ سبب بينظير ڀٽو جي خصوصي ٽرڪ ڪار ساز تائين جو منٽن جو سفر ڪيترن ئي ڪلاڪن ۾ طئي ڪيو ته هڪ ٻئي پٺيان 2 زوردار ڌماڪا ٿيا. ڌماڪن سموريون خوشيون ڏک ۾ تبديل ڪري ڇڏيون. ڌماڪو ٿيندي ئي هر طرف افراتفري مچي وئي ايمبولينس جا سائرن وڄڻ شروع ٿي ويا، انهي افسوسناڪ واقعي ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ماڻهو فوت، جڏهن ته سوين زخمي ٿي پيا، پر واقعي ۾ ملوث ماڻهو قانون جي ڪٽهڙي ۾ نه اچي سگهيا.پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته 18 آڪٽوبر جو واقعو 27 ڊسمبر جي واقعي جو تسلسل هو، جيالا، ڪارڪن ۽ اڳواڻ هر سال ڪار ساز شهيدن جي يادگار تي جمع ٿيندا آهن ۽ اتي هو شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو