ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته پاور ڊسٽري بيوشن ڪمپنين کي لائين لاسز جي آڙ ۾ شهرين تي وڏا ڏنڊ لڳائڻ کان روڪيو وڃي. سنڌ ڪابينا ، جمعي تي ٿيل اجلاس ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران مستقبل ۾ سيٽن لاءِ ڪامياب اميدوارن جي ويٽنگ لسٽ برقرار رکڻ جي تجويز جي منظوري ڏني. جيڪي اميدوار پاس ٿيندا ۽ ڪنهن نوڪري نه ورتي ته اها سيٽ ٻئي سال نه ڀربي پر ويٽنگ لسٽ وارن اميدوارن کي ڏني ويندي. ڪابينا ٽيچنگ اسپتالن ۾ ڪلينڪل ڪيئر جون 434 نيون پوسٽون پيدا ڪرڻ جي به منظوري ڏني. ڪابينا ٽيسر ٽائون ۾ 36 بسترن جي نئين اسپتال لاءِ 367.5 ملين رپيا منظور ڪيا ۽ پوليس ٿاڻن جي موثر انتظام لاءِ ايس ايڇ اوز کي ڊي ڊي اوز جا اختيار ڏيڻ جا اهم فيصلا ڪيا. سڄي سنڌ جي 485 پوليس ٿاڻن کي 6 ڪروڙ 92 لک رپيا ڏنا ويندا جن ۾ ڪراچي ڊويزن جا 78 پوليس ٿاڻا شامل آهن جن لاءِ 3 ڪروڙ 38 لک رپيا بجيٽ ايندي. ٻين ڊويزنن جون 407 پوليس ٿاڻا شامل آهن جن تي 3 ڪروڙ 54 لک رپيا ملندا. سنڌ ڪابينا سنڌ پوليس فنانشل پاورز رولز 2029ع ۾ ترميم جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي جنهن تحت گريڊ 16 جي ايس ايڇ او کي ڊي ڊي او جا اختيار ڏنا ويا آهن ۽ کيس هر مهيني 2 لک رپيا ڪڍڻ جو اختيار هوندو. وڏي وزير ان فيصلي کي پوليس کي گراس روٽ ليول تي مضبوط ڪرڻ جو قدم قرار ڏنو. ڪابينا سڄي سنڌ جي ايس ايڇ اوز کي ڊي ڊي اوز جا اختيار ڏيڻ جي پڻ منظوري ڏني ته جيئن اهي عوامي مفاد ۾ پوليس ٿاڻن کي هلائڻ لاءِ گهربل خرچ ڪري سگهن، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نيپرا جي تازي ٻڌڻي ۾ ڪي اليڪٽرڪ ۽ حيسڪو سميت 5 ڊسڪوز کي 2022ع ۾ حد کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ تي 5 ڪروڙ رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي، جيڪو عوام کان وصول ڪيو پيو وڃي. اهو عمل غير آئيني آهي.
سب اسپيشلسٽ جون پوسٽون پيدا ڪرڻ:
صحت کاتي جي درخواست تي ڪابينا سمورن ٽيچنگ اسپتالن مان 731 فالتو پوسٽن کي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني جنهن جو 336.729 ملين رپين جي سالياني مالي ٻوجهه آهي ۽ بهترين عوامي مفاد ۾ 434 ڪلينڪل ڪيئر جون پوسٽون ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو جنهن تي 1.16 ارب رپين جي سالياني مالي خرچ سان سڀني ٽيچنگ اسپتالن ۾ ڀرتي ڪيل پوسٽن جي نتيجي ۾ ڪانٽريڪٽ جي بنياد تي عملي کي ڀرتي ڪيو وڃي.
ٽيسر ٽائون اسپتال لاءِ فنڊ جي منظوري:
ڪابينا صحت کاتي جي درخواست تي ٽيسر ٽائون ڪراچي جي 36 بسترن واري صحت کاتي جي اسپتال لاءِ 367.500 ملين رپين جي منظوري ڏني. اها اسپتال 20 سالن تائين پاڪستان نيشنل فورم آن وومين هيلٿ (PNFWH) ڪراچي پاران هلائي ويندي. هيلپ سان پارٽنرشپ: صحت کاتي جي سفارش تي ڪابينا 9 اپ گريڊ جون ڊسپينسريون ميٽرنل اينڊ چائلڊ هيلٿ سينٽرز جي سطح تي اين جي او هيلپ جي حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اهي MCHC ٿرپارڪر ضلعي جي ڏورانهن علائقن ۾ واقع آهن. ڪابينا 9 ايم سي ايڇ سينٽرن لاءِ 136.23 ملين رپين جي بجيٽ جي پڻ منظوري ڏني.
ويڪسينيٽرن جي ڀرتي:
ڪابينا صحت کاتي کي اي پي آءِ سنڌ ۾ ويڪسينيٽرن جي 715 خالي جاين تي اميدوارن جا انٽرويو وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. نيشنل ٽيسٽنگ سروس (NTS) اڳ ۾ ئي 715 اشتهاري پوسٽن لاءِ اميدوارن جو امتحان ورتو آهي. لڳ ڀڳ 92359 اميدوارن امتحانن ۾ حصو ورتو جن مان 10234 اميدوارن 50 اهليت جا نمبرز حاصل ڪيا ۽ لکت واري امتحان ۾ ڪامياب قرار ڏنا ويا.
سنڌ سيڊ ڪارپوريشن:
سنڌ ڪابينا هارين کي معياري ٻج فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ۾ اهم سڌارا آڻڻ جو فيصلو ڪيو ۽ تجويز ڏني وئي ته مارڪيٽ مان قابل ماهرن کي ڀرتي ڪيو وڃي. سنڌ سيڊ ڪارپوريشن وٽ هڪ طاقتور مئنيجمينٽ بورڊ آهي، ڪارپوريشن نجي شعبي جي مدد سان ڪاروباري سرگرميون شروع ڪري سگهي ٿي. سنڌ جي وڏي وزير ڄام خان شورو، سيد ذوالفقار شاهه ۽ سيد سرار شاهه تي ٻڌل هڪ ڪميٽي جوڙي آهي جيڪا سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ۾ سڌارن جي تجويز ڏيندي ته جيئن ان کي ڪارائتو، منافعي بخش ۽ هارين لاءِ فائديمند بڻائي سگهجي. سنڌ ڪابينا نئين مالي سال لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اجرت 32 هزار مان وڌائي 37 هزار رپيا ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سنڌ ڪابينا غيرماهر مزدورن جي ماهوار اجرت 37 هزار رپيا، گهٽ مهارت رکندڙ مزدورن لاءِ 38 هزار 280 رپيا، ماهرن لاءِ 45 هزار 910 رپيا ۽ اعليٰ مهارت رکندڙ مزدورن لاءِ 47 هزار 868 رپيا ماهوار اجرت جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم پيڪيج 2024:
سنڌ ڪابينا وزيراعظم جي عورتن کي بااختيار بڻائڻ واري پيڪيج 2024 ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته 8 مارچ 2024ع تي عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان جي وزيراعظم عورتن کي زندگي جي سمورن شعبن ۾ برابري جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪيو هو. پيڪيج تحت عورتن جي بهتري لاءِ 21 سفارشن تي مختلف کاتن پاران مقرر مدي ۾ عمل ڪرڻو آهي. ڪابينا عورتن جي ترقي واري کاتي کي پروگرام ۾ شامل ڪرڻ لاءِ گرانٽ ڏيڻ جي پڻ منظوري ڏني. وڏي وزير کاتي کي هدايت ڪئي ته سمورن ضلعن ۾ ڊي ڪيئر سينٽر قائم ڪيا وڃن. ڊپارٽمينٽ ان سلسلي ۾ تجويزون ڏيندو.
ايس آر بي چيئرمين جي مدي م واڌ
ناڻي کاتي جي سفارش تي ڪابينا ڊاڪٽر واصف علي ميمڻ جي چيئرمين سنڌ روينيو بورڊ (SRB) جي ڪانٽريڪٽ جي مدي ۾ نومبر 2024ع کان ڊسمبر 2025ع تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. ڪابينا گلشن سڪندر جو دائرو ضلعي ڏکڻ ۽ بوٽ بيسن پوليس ٿاڻن تان هٽائي ضلعي اولهه ۽ پوليس اسٽيشن جيڪسن ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني.










